سرمست 24

سرمست 24

سرمست 24

سرمست- 24: ’سرمست‘ جي چـوويهيـن ڪـڙي مـولا بخـش لاڙڪ ۽ سندس ٻانهن ٻيلي قربان منگيءَ ترتيب ڏني آهي. حسب دستور D.C.O رضوان ميمڻ ۽ ادبي ڪانفرنس تصويرون ڏيڻ کان پوءِ هيٺين مقالن کي هن شماري ۾ شامل ڪيو ويو آهي:
(1) سچل سائين جي سرسئيءَ ۾ نياز ۽ نوڙت جو سبق (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (2) سچل جا انساني اُمنگ ۽ اُڌما (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (3) ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ۽ حضرت سچل سرمست جو مطالعو (محمد پنهل ڏهر)، (4) نوريءَ جو نياز ۽ سمي جي سخاوت (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (5) ديوان آشڪار جي بيتن جو نمبر وار ترجمو (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (6) سچل سرمست جي دور جي سنڌي علم و ادب جو جائزو (پروفيسر مـوهـن لـعل پريمـي)، (7) ماڻڪ ميڙيائون: ڏيهي ۽ پرڏيهي ڏاهن سچل کي ڪيئن ڏٺو؟ (مـقصـود گل)، (8) مـن عرف نفـسھ فـقـد عرف ربھ (حزب الله آءِ. سومرو)، (9) حضرت سچل سرمست جو فنا ۽ بقا جو ذڪر (ميان غلام حسين فاتح)، (10) سچل سرمست جي ڪلام ۾ سرمستيءَ واري ڪيفيت (ممتاز تبسم شر)، (11) سچل سرمست تي ببليوگرافي.
هن ڊيمي سائيز جي 86 صفحن تي مشتمل پرچي جي قيمت 40 روپيا آهي ۽ سال 2003ع ۾ سچل يادگار ڪميٽي خيرپور ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو